ڪراچي ۾ خورشيد شاهه جي آزادي لاءِ احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي طرفان سينيئر سياستدان ايم اين اي سيد خورشيد شاھ جي آزادي لاءِ ڪراچي  پريس ڪلب آڏو پيپلز يوٿ ونگ، سپاف، منارٽي ونگ، ليبر بيورو جي ڪارڪنن سوين جيالن ، شاگردن ۽ عورت اڳواڻن  احتجاجي مظاھرو ڪيو . خورشيد شاھ جي ناحق گرفتاي ۽ نيب چيئرمين خلاف شيد نعريبازي ڪئي . مظاھري ۾ پ پ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ وڏي وزير جو خاص معاون وقار مھدي، پ پ ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري ، مرزا مقبول، آصف خان ، پ پ ليبر ونگ سنڌ جو صدر حبيب دين جنيدي، پ پ ليڊيز ونگ ڪراچي جي پريس سيڪريٽري مسرت نيازي، سردار خان ، امان اللھ محسود،  وڏي وزير جو صلاحڪار لياقت آسڪاڻي ،  وڏي وزير جي صلاحڪار عروبا راشد رباني ، ايم پي اي انٿوني نويد ،  سينيٽر انور لال دين ، پ پ ليڊيز ونگ ڪراچي ڊويزنل صدر  ايم اين اي شاھدہ رحماني،  اڳوڻي ايم پي اي نسرين چانڊيو ، غلام سڪينا ڪلر ، ايڇ ايم گھانچي ، نورجھان بلوچ، مسرت نيازي ، لالا رحيم، چوڌري شڪيل ، خليل ھوت ، ظفر صديقي ، مزمل گل ، ناھيد طاھر ، رازدا رضوان ، سردار نزاڪت ، قمر شيخ ، پروين بٽ ، ھمايون محمد خان ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا. ان موقعي تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سيد خورشيد شاھھ اڍائي سالن کان وٺي بي گناھھ قيد ڪاٽي رھيو آھي ھاڻ اھا نيب گردي وڌي نھ ھلندي ، نيب انتقامي ڪارروائيون ڪري ٿو ۽ پ پ قيادت ۽ ڪارڪنن کي چونڊي چونڊي نشانو بڻايو پيو وڃي ، عدليھ جو ٻٽو معيار آھي، بي گناھھ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين تي مجرماڻي خاموشي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.