رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس نه ڏيڻ تي ناڻي وارو سيڪريٽري طلب

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس نه ڏيڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران فنانس  کاتي جي سيڪريٽري کي 22 سيپٽمبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي، عدالت  ايڊووڪيٽ راجا جواد علي ساهڙ پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو، عدالت سنڌ حڪومت کي انشورنس ڪمپنين سان ڪيل سمورن معاهدن جون ڪاپيون به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت چيو ته ٻڌايو وڃي ته ملازمن جي پگهارن مان ڪيترا پئسا ڪٽيا وڃن ٿا؟ عدالت پڇيو ته گروپ انشورنس جا پئسا ملازمن جي پگهارن مان ڪٽيا ويندا آهن يا حڪومت ڀريندي آهي؟ عدالت چيو ته اهو به ٻڌايو وڃي ته هيل تائين ملازمن جي پگهارن مان گهڻا پئسا ڪٽيا ويا آهن؟، ان موقعي تي درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته هر سرڪاري ملازم جي پگهار مان ماهوار گروپ انشورنس جي نالي تي ڪٽوتي ٿئي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.