ڪراچي واٽر بورڊ ۾ سڌارن جي منظوري

ڪراچي (رپورٽر)  ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۾ اصلاحن ۽ بورڊ جي نئين سر جوڙ جڪ لاءِ  اهم اجلاس، ميئر کي خاص نمائندگي ڏيڻ ۽  شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ تي اتفاق، مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاھ جي صدارت هيٺ  ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۾ اصلاحن بابت  اجلاس ٿيو. جنهن ۾ سيڪريٽري انجنيئر سيد نجم احمد شاھ  بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ۽ اپگريڊيشن جو مقصد اداري کي خود مختيار ۽ منافعي وارو ادارو بڻائڻ آهي. هن چيو ته ڪراچي جي شهرين کي مستقل بنيادن تي پيئڻ جو صاف پاڻي، ۽ بهترين  سيوريج سسٽم ڏيڻو آهي، ان موقعي تي بلديات واري وزير سيد ناصر حسين شاھ خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي جي عوام کي بهترين بلدياتي سهولتن جي فراهمي حقيقت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي عوامي حڪومت جي روشن ويزن جي ترجماني آهي. جنهن جي خاطر سمورن رنڊڪن ۽ مشڪلاتن کي پٺتي ڪري سموريون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، شهرين جا مسئلا حل ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.