ووٽنگ مشين تي وزيراعظم اليڪشن ڪميشن آمهون سامهون ٿي ويا: سينئر صحافي

اسلام آباد(م ڊ) تجزئي نگار مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان جو هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ڪميشن سان ٽڪراءُ ٿي ويو  آهي، اليڪشن ڪميشن اليڪٽرونڪ ووٽنگ تي راضي ناهي ،اليڪشين ڪميشن اليڪٽرونڪ ووٽنگ تي 37 اعتراض اٿاري ڇڏيا.اليڪٽرونڪ ووٽنگ جا بنيادي خدشا ڪهڙا آهن ، جنهن تي سياسي ماهرن ۽ تجزيانگارن جي راءِ آئي آهي ته 1971ع کان اسانجو چونڊ عمل غير شفاف رهيوآهي ۽ هميشه سواليا نشان بڻيل رهيو آهي .ماهرن جو چوڻ آهي ته ڇا شفاف اليڪشن جو تعلق بيلٽ پيپر کي ختم ڪري اليڪٽرونڪ طريقيڪار طرف اچڻ سان اسان جو چونڊ عمل شفاف ٿي ويندو . حڪومت سمجهي ٿي ته اسان بيلٽ پيپر جي رپليسمنٽ ڪئي ته چونڊ عمل شفاف ٿي ويندو، جيڪا حڪومت ۽ ان عمل جي حامي ڌرين جي خام خيالي آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته چونڊ سڌارن ۽ اليڪٽرونڪ ووٽنگ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين ۽ اپوزيشن جماعتن کي آن بورڊ وٺڻو پوندو ،پر بدقسمتي سان وزيراعظم اپوزيشن ليڊر سان ملڻ لاءِ تيار ناهي. ملڪ جي فائدي لاءِ ذاتي انا کي وسارڻو پوندو، ذاتي انا اپوز يشن ۾ ته هلي سگهي ٿي پر ملڪ جي وزير اعظم کي ذاتي انا رکڻ نه جڳائي.اليڪشن ڪميشن پاران جيڪي 37 اعتراض اٿاريا آهن اصل ۾ اهي اعتراض نه بلڪه آپريشنل مشڪلاتون آهن، چونڊ عملي جو ٽيڪنالاجي کان واقف هئڻ لازم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.