قمبر ۾ نثار کهڙي جي اڳواڻي ۾ وفاقي سرڪار خلاف ڌرڻو

قمبر/ميروخان(نمائندا)  قمبر ۾پ پ  طرفان وفاق جي ناجائزين خلاف پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جي اڳواڻي ۾ قمبر ڀٽو چونڪ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ان موقعي تي ڪارڪنن سان خطاب ڪندي نثار احمد کهڙو، نادر مگسي،قمر الدين گوپانگ، لياقت گوپانگ، اقبال يوسف بروھي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي پاڻي کوٽ پيدا ڪري هتان جي هارين جي استحصال ڪندي وفاقي حڪومت سمجهي پئي ته صوبائي حڪومت مٿان دٻاءُ ايندو پر عوام سمجهي چڪي آهي عمران خان عوام دوست نه پر عوام دشمن حڪمران آهي،ميروخان ۾ عبدالظاھر تنيو جي اڳواڻي ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، عبدالظاھر تنيو عبدالوھاب لاکو عادل خان تنيو عبدالحميد انصاري اشفاق احمد ڪلھوڙو فاروق احمد جاگيراڻي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته وفاقي سرڪار ھڪ منظم رٿابندي ۽ سازش تحت سنڌ سرڪار کي ناڪام ثابت ڪرڻ لاء ھٿرادو پاڻي جي کوٽ جو جواز ڄاڻائيندي سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪري رھي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.