سوئي گئس مان برطرفين خلاف متاثر ملازم سراپا احتجاج بڻيل

ڪراچي(نمائندا) لاڙڪاڻي ۾ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي برطرف ملازمن پنهنجي بحاليءَ لاءِ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڏهين ڏينهن  به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڇتي نعريبازي به ڪئي، ان موقعي تي برطرف ملازمن شاهد حسين ڇڄڙو، عبدالرحيم سومرو، حاجي جاويد عباسي، غلام عباس بلوچ، حسين بخش بلوچ، اظهر علي گوپانگ، رفيق شيخ، امير احمد ابڙو، اقبال احمد منگي، رياض جمالي، عبدالفتاح ميراڻي ۽ ٻين چيو ته سوئي سدرن گيس ڪمپني طرفان سپريم ڪورٽ جي 17 آگسٽ 2021 واري فيصلي جي روشني ۾ اسان کي پيرسنيءَ ۾ نوڪرين تان برطرف ڪري بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته اسين گذريل 10 ڏينهن کان مسلسل سراپا احتجاج آهيون پر افسوس جو لاڙڪاڻي يا پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ ڪنهن به چونڊيل نمائندي سميت سياسي سماجي اڳواڻ اسان وٽ ناهي پهتو ۽ نه ئي ڪنهن اسان کي قانوني مدد جي خاطري ڪرائي آهي، سوئي سدرن گئس ڪمپني مان عدالتي حڪم تي برطرف ٿيل ملازمن پاران نوڪرين تي بحالي لاءِ ڪالهه به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ملازمن نوڪرين تي بحالي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ملازمن  شاهد شيخ، اقبال خان، عطاالرحمان ۽ ٻين دانهيندي چيو ته عدالتي حڪم تي سوئي سدرن گئس ڪمپني کين ملازمت مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سبب هزارين ملازم بي روزگار ٿيڻ سان لکين خاندان متاثر ٿيا آهن،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.