سليڪٽيڊ عدليا ۽ ميڊيا جي حڪومتي ڪوشش خلاف وڪيل ۽ صحافي متحد

ڪراچي (م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي سپريم ڪورٽ ۾ مستقل جج مقرر نه ڪرڻ ۽ 4 ڀيرا کيس نظرانداز ڪرڻ  واري معاملي وڪيلن جي تحريڪ کي جنم ڏنو جيڪا ڏينهون ڏينهن تيز ٿي رهي آهي، ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري چواڻي ته هاءِ برڊ سليڪٽيڊ رجيم عدليا به سليڪٽيڊ چاهي ٿي هاڻي ته حڪومت ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي ذريعي  ميڊيا به سليڪٽيڊ چاهي ٿي، نتيجي طور پاڪستان  بار ڪائونسل جي صدر ايڊووڪيٽ لطيف آفريدي سينيئر صحافي ۽  پي ايف يو جي اڳواڻ ناصر زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري اٿارٽي خلاف صحافين جي احتجاج جي حمايت ڪئي آهي، سينييئر صحافي امداد سومري پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته صحافين ۽ وڪيلن جي جدوجهد ۾ ممڪن آهي ته ماضيءَ جيان حڪومت مخالف سياسي پارٽيون به احتجاج ۾ شامل ٿي وڃن ته پوءِ اهو احتجاج ڪهڙو رخ اختيار ڪندو اهو ته وقت ٻڌائيندو پر ويجهي ماضيءَ  جو مثال جنرل مشرف آهي ته وڪيل تحريڪ  جنرل مشرف جا پير اکيڙي ڇڏيا ۽ آخر ڪار ان کي وڃڻو پيو، مسئلو صرف جسٽس افتخار چوڌري جي انڪار جو هو ۽ هاڻي به چيف  جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ  جو ايڊهاڪ جج ٿيڻ کان انڪار آهي جنهن تحريڪ کي جنم ڏنو آهي، هاڻي ته وڪيل رڳو چيف جسٽس گلزار احمد جي استعيفا جو مطالبو نه پيا ڪن پر پلاٽ وٺندڙ ججن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي به گهر ڪري رهيا آهن، ڪالهه ته وڪيل ابتدائي طور ڪامياب ٿيا ۽ جسٽس عائشه  ملڪ جو نالو اعليٰ  عدالت ۾ جج لاءِ رد ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.