گڏاپ جي ڳوٺ علي داد تي بحريا گارڊن ۽ پوليس جي ڪاهه، ڳوٺاڻن جي مزاحمت، لٺبازي، فائرنگ

ملير (رپورٽ : جميل چانڊيو)گڏاپ ٿاڻي جي علائقي بحريا ٽائون جي اندر علي داد ڳوٺ تي بحريه  انتظاميا ۽ پوليس وڏن اٽالن جي چڙھائي ڪري ڳري مشينري سان علي داد گبول ڳوٺ ۾ قائم ڪيترن ئي دڪانن ھوٽلن ۽ گھرن کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو ،اھڙي ڪارروائي تي ڳوٺاڻا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ سخت احتجاج ڪيوته،بحريا اهلڪارن ۽ پوليس گڏجي ڳوٺاڻن تي لٺبازي ڪري ھوائي فائرنگ  ڪئي، سخت مزاحمت  سبب 36 گهر دڪان هوٽل ڊاهڻ کان پوءِ انتظاميه واپس ھلي وئي، ڳوٺاڻن دانھيندي چيو ته،بحريا اسان جي گھرن, کيٽن زرعي زمين پولٽري فارم چوپايو مال ختم ڪري اسان کي بک بدحالي حوالي ڪيو، متبادل روزگار طور  هوٽل دڪان ٺاهي گذر ڪيوسين اڄ انهن تي هلان ڪري گهر دڪان ڊاهي وري بک حوالي ڪيو آهي پر اسان جي ڪو دانھن ٻڌڻ وار ڪونهي ,ڳوٺاڻن بشير گبول،سڪندر گبول،غلام محمد  گبول شاهنواز ۽ ٻين چيو ته اسين قديمي ڳوٺاڻا آھيون ۽ پ پ جاووٽر آھيون پر نه سنڌ حڪومت اسان سان ساٿ نه ٿي ڏئي نه ملير جاچونڊيل نمائيندا اسان جي سار  لھن ٿا، متاثر ڳوٺاڻن اعليٰ اخيارين سنڌ جي سياسي سماجي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اسان ڳوٺاڻن جي مدد ڪري بحريه جي قھري ڪارروائين کي روڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.