سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 16 ماڻهو فوت، 976 نوان ڪيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 16 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 976 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪئي، وڏي وزير چيو ته هن وقت 48501 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 47672 گهرن ۾، 40 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 789 مختلف اسپتالن ۾ آهن.

ڪانتا ڪماري قتل ڪيس: جوابدار جي ضمانت درخواست رد

ڪراچي ( رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت پسند جي شادي ڪندڙ ڪانتا ڪماري جي مبينه قتل ڪيس ۾ گرفتار سندس مڙس آنند جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي،عدالت اهڙو  ڄاڻايل جوابدار پاران ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ڏنو، ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران فريادي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار پنهنجي گهر واري کي قتل ڪيو آهي ۽ جوابدار جي بيانن ۾ به تضاد آهي جڏهن ته مقتولا ڪانتا ڪماري جي نڪ جي هڏي پڻ ٽٽل هئي، جوابدار اڳ ۾ بيان ڏنو هو ته مقتولا پاڻ پنهنجي ڳچي ۾ ڦاهو ٻڌي آپگهات ڪيو پر بعد ۾ بيان ڏنو ته ڪانتا ڪماري ڪري پئي هئي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.