گم ٿيلن جو ڪيس: صوبائي ٽاسڪ فورس جي اختيارن بابت رپورٽ طلب

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ ٻن سڳن ڀائرن سميت مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل شهرين جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي دوران پراونشل ٽاسڪ فورس جي ايس او پيز ۽ اختيارن جي دائري بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر جي چمن روانگي ۽ ڪارڪردگي بابت رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت اهڙو حڪم ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو،  ٻڌڻي دوران گم ٿيل ٻن ڀائرن دانش رشيد ۽ جنيد رشيد جي والده عدالت کي ٻڌايو ته منهنجا ٻئي پٽ سيپٽمبر 2017ع کان گم آهن جڏهن ته گذريل ٻڌڻي تي ڪيس جي جاچ آفيسر ٻڌايو هو ته سندن پتو لڳايو ويو آهي ۽ معاملو حل ٿيڻ جي ويجهو آهي، ان موقعي تي جسٽس صلاح الدين پنهور پڇيو ته جاچ آفيسر ڪٿي آهي؟ ۽ هن هينئر تائين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جو جاچ آفيسر انهي ڪيس جي سلسلي ۾ چمن بارڊر ويل آهي جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي جاچ آفيسر جي چمن روانگي ۽ ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.