اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪريو يا اعلان ڪريو ته حڪومت جا سهولتڪار آهيو: بلاول

رحيم يار خان (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ هڪ به واعدو پورو نه ڪيو، عمران خان هر هڪ واعدو ڪوڙو نڪتو، 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ ۽ 50 لک گهر ٺاهڻ جو واعدو ڪوڙو نڪتو، ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي.رحيم يار خان ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان عوامي  حڪومت لاءِ سِڪي رهيو آهي، اڳتي پ پ وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومت ٺاهيندي.هن ن ليگ تي به تنقيد ڪندي چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته ووٽ جي عزت جي ڳالهه ٿئي ۽ ووٽ جي استعمال وقت ڀڄي وڃو، ٻٽي پاليسي نه هلندي، يا اپوزيشن ڪيو يا اعلان ڪيو ته توهان حڪومت جا سهولتڪار آهيو، اسان چئون ٿا ووٽ استعمال ڪيو، بوزدار کي ڀڄايو، عمران کي گهر موڪليو.پ پ چيئرمين موجب لانگ مارچ ڪيو يا وري چئو ته حڪومت سان سهولتڪار آهيون، پنجاب جو عوام منافقت جي سياست کي تسليم نه ڪندو، هاڻ توهان کي ڪجهه ڪرڻو پوندو نه ته پنجاب جو عوام ڄاڻي ويندو ته اها منافقت آهي، جيڪڏهن توهان تيار نه ٿيئو ته عوام توهان کي معاف نه ڪندو.بلاول ڀٽو زرداري چيو جڏهن اسان توهان سان گڏ هئاسين ته توهان چيو استعيفيٰ بنا ڪم نه هلندو، هاڻ توهان لاءِ چئلينج آهي اسان سان گڏجي پنهنجو ووٽ استعمال ڪيو، جيڪڏهن اسان جي نٿا ٻڌو ته پنهنجي ئي ڳالهه ۽ پنهنجي دعويٰ تي عمل ڪيو، توهان کي ٻنهي مان هڪ ڪم ڪرڻو آهي، ووٽ استعمال ڪيو يا استعيفيٰ ڏيو، هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ تاريخي مهانگائي آهي، اسان حڪومت ۾ اچي برطرف ٿيل ملازم بحال ڪنداسين،هن چيو ته اسان کي هڪ طرف هن نالائق، نااهل، ناڪام ترين ۽ ناجائز حڪومت کي ڀڄائڻو آهي ته ٻئي پاسي پنهنجي دوستن کي مجبور ڪرڻو آهي ته جيڪو رستو سان توهان کي ڏيکاريو هو ان تي هلو، هاڻي توهان جي ٻٽي پاليسي نه هلندي، توهان لانگ مارچ جو اعلان ڪري پٺتي هٽي ويا، اڄ اسان ته هر هنڌ وڃي رهيا آهيون، هن اپوزيشن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان توهان کي مجبور ڪنداسين ته توهان اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪيو، بوزدار کي گهر موڪليو، عمران کي گهر موڪليو، چونڊون ڪرايو، توهان جي ڪري عوام اسان کان به ناراض ٿي رهيو آهي، جڏهن ڪٺ پتلي بوزدار ڪرندو ته عمران خان پاڻ ئي ڪري پوندو، هن چيو ته پنجاب جو عوام ڄاڻي وٺي ته اها نه مفاهمت ۽ مخالفت آهي بلڪه اها منافقت آهي ۽ منافقت جي سياست پنجاب جو عوام رد ڪري ڇڏيندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.