ڪراچي ۾ بلوچ اسٽوڊنٽس ڪميٽي جو احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) بلوچ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي پاران ڪوئيٽا ۾ شاگردن تي تشدد ۽ گرفتارين گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب آڏو  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ سياسي، سماجي ۽ شاگرد  تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي پيرجان بلوچ، ڊاڪٽر اصغر دشتي، رخسانا بلوچ ۽ ٻين چيو ته بلوچ اسٽوڊنٽس جي شاگردن جڏهن پي ايم سي خلاف احتجاج ڪيو ته انهن تي لاٺي چارج ڪري ڪيترن ئي شاگردن کي جيلن ۾ قيد ڪيو ويو آهي،هنن چيو ته  هر انسان کي پنهنجي حق خلاف آواز اٿارڻ بنيادي حق آهي ۽ ڪنهن کي به حق ناهي تي انهن جي آواز کي دٻايو وڃي،ان موقعي ڊاڪٽر اصغر دشتي چيو ته بلوچستان ۾ شاگردن تي لاٺي چارج ڪري ۽ شاگردن جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو ويو، هن چيو ته  پي ايم سي پاران جنهن طريقي سان ٽيسٽ ڪرائي پئي وڃي اهڙي طريقي سان نه ٿيڻ گهرجي،ڇو ته هر صوبي ۾ پنهنجا الڳ تعليمي بورڊ آهن،هنن چيو ته گرفتار ٿيل شاگرد پنهنجي ميڊيڪل ڪاليج جي بحالي لاءِ احتجاج ڪري رهيا هئا،جڏهن ته پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي فيصلن خلاف سڄي ملڪ ۾ شاگرد سراپا احتجاج آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.