پيرڳوٺ ۾ پ پ اڳواڻ جي نوجوان نياڻي اغوا، پلاند ۾ ڪانهر برادري جون ٻه عورتون اغوا

پيرجوڳوٺ(رپورٽ: علي گل جوڻيجو ) پيرجوڳوٺ جي اناج منڊي محلا ۾ مڱريا برادري جي چڱي مڙس پ پ جي مقامي اڳواڻ ۽ ميونسپل ڪاميٽي پيرڳوٺ جي اڳواڻ محمد ابراهيم مڱريو جي گھر تي ڪانهر  برادري جي ماڻهن حملو ڪري سندس نياڻي ڪائنات مڱريو کي اغوا ڪري ويا، جڏهن ته مزاحمت تي فائرنگ ڪئي. جڏهن ته واقعي بعد مڱريا برادري جا سوين ماڻهو گڏ ٿي ويا. شهر ۾ خوف پکڙجي ويو. جڏهن ته پلاند طور مڱريا برادري جي ماڻهن ڪانهر برادري جي ٻن عورتن ڌياڻي ڪانهر ۽ سندس ڌيء حاجاڻي ڪانهر  جيڪي رڪشا ۾ وڃي رهيون هيون ته کين اغوا ڪيو جنهن بعد سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ شهر ۾ خوف پکڙيل آهي. جڏهن ته پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف واقعي جي حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته خيرپور جي ڳوٺ ڍانڍو جي مڱريا برادري جي نوجوان  راجامڱريو  ڪانهر برادري جي عورت خورشيد سان شادي ڪئي. جنهن ۾ ڪانهر برادري جي ماڻهن جو مڱريا برادري جي ماڻهن تي زور هو ته عورت واپس ڪئي وڃي. ۽ عورت واپس نه ٿيڻ جي پلاند ۾ مڱريا برادري جي ناري ڪائنات مڱريو کي اغوا ڪري ويا، جنهن کانپوءِ مڱريا برادري جي ماڻهن پلاند ۾ ڪانهر برادري جون  ٻه عورتون اغوا ڪيون. ٻئي طرف ابراهيم مڱريو جو چوڻ آهي ته بيگناهه منهنجي گھر تي حملو ڪري منهنجي نوجوان ڌيء کي اغوا ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڪانهر برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته مڱريا برادري اسان کي ٻئي عورتون واپس ڪرڻ جو يقين ڏياريو هو، ٻئي طرف پوليس ڳوٺ عمر ڪانهر تي چڙهائي ڪري ڪانهر برادري جي 5 ڄڻن کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.