وڏي وزير جي جهاز جي سکر ۾ ايمرجنسي ليندنگ

 

سکر(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي جهاز جي سکر ايئرپورٽ تي ايمرجنسي ليڊنگ ٿي آهي.

وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اسلام آباد کان ڪراچي وڃي رهيو هو ته اوچتو سندس جهاز کي سکر ايئرپورٽ تي ايمرجنسي لينڊنگ ڪرائي وئي آهي.

انتظاميا جو چوڻ آهي ته سکر ۾ ايمرجنسي لينڊنگ جي ڪري مراد علي شاهه صوبائي وزير مڪيش چاولا جي رهائش گاهه پهچي چڪو آهي.

اهڙي ايمرجنسي لينڊنگ خراب موسم جي ڪري ڪئي وئي، انتظاميا جو چوڻ آهي ته موسم صحيح ٿي ته وڏو وزير ڪراچي روانو ٿي ويندو ٻئي صورت ۾ رات سکر ۾ ئي گذاريندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.