جاسوسي ۽ سيڪيورٽي معاملن جي حوالي سان وڏو فيصلو

 

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو.

اجلاس ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري، شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد، شوڪت ترين شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ قومي سلامتي واري صلاحڪار به شريڪ هئا.

اجلاس ۾ ايپڪس ڪميٽي سائبر سيڪيورٽي، جاسوسي، سيڪيورٽي چيليجز سان منهن ڏيڻ لاءِ مختلف قدمن تي فوري طور عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال ملڪ تي ان جي امڪاني اثرن جو جائزو ورتو ويو، ڪميٽي نيشنل ايڪشن پلان جي گهري ۽ وڏي عرصي واري هدفن جو جائزو ورتو ويو.

ان سان گڏ عدالتي ۽ سول سڌارن بابت قدمن تي به فوري طور تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته هر هدف جي لاءِ ڪارڪردگي جي معيار ۽ ٽائم لائنز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پڌرائي موجب ته اجلاس ۾ نيشنل  ڪرائسز انفارميشن مينيجمينٽ سيل قائم ڪرڻ سميت پرتشدد ۽ انتهاپسندي سان منهن ڏيڻ واري قدمن تي فوري طور تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ قومي سلامتي کي سڌي ريت متاثر ڪندڙ عملن سان منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.