گرفتاري کان اڳ ضمانت قانون ۾ آهي ئي نه: جسٽس عمر عطا بنديال

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته گرفتاري کان اڳ ضمانت جو قانونن ۾ ڪٿي به ذڪر ناهي ۽ گرفتاري کان اڳ ضمانت تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ڪيس بدنيتي تي ٻڌل هجي.

سپريم ڪورٽ ۾ 13 ڌاڙي واري ڪيسن ۾ ملوث جوابدار جي ضمانت جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جو قانون ۾ ڪو به ذڪر ناهي، گرفتاري کان اڳ ضمانت جو رستو عدالتي فيصلي ذريعي 1948 ۾ ڪڍيو ويو.

هن چيو ته گرفتاري کان اڳ ضمانت ان ئي صورت ۾ ٿي سگهي ٿي ته جيڪڏهن ڪو ڪيس ظاهري طور تي بدنيتي تي ٻڌل هجي.

ٻڌڻي دوران جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي چيو ته جوابدار تي چوري، ڌاڙي ۽ ڦر جا 13 ڪيس آهن، گرفتاري کان اڳ ضمانت خاص حالتن ۾ ملندڙ رعايت آهي، عادي ڏوهارين کي اهڙي خاص رعايت نٿي ملي سگهي.

عدالت اعجاز عرف جيري جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ جوابدار کي عدالت مان ئي گرفتار ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.