نوشهرو فيروز: قومي شاعر،صحافي ۽ قومپرست اڳواڻ گل مورو لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌ جو قومي شاعر، اديب ،صحافي ۽ قومپرست اڳواڻ گل مورو ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، هو ڪجهه ڏينهن کان جگر جي بيماري سبب اسپتال ۾ داخل هو، سندس مڙهه اباڻي ڳوٺ پهچايو ويو جتي سندس جنازي نماز نوشھرو فيروز لڳ ڳوٺ راحب خان مورو نورپور ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ قومپرست اڳواڻ نياز ڪالاڻي ۔پنھل ساريو ۔سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻ  تاج جويو ۔انور ڪانڌڙو ۔سنڌي ادبي سنگت جو ضلعي رابطه سيڪريٽري سوز جتوئي سڪندا ر خشڪ اڳوڻو ڊي سي او ۔ گدا خاصخيلي  مولا بخش مشوري۔صدر نيشنل پريس ڪلب ايم ظفر تڳر۔ثناء الله عباسي ۔اسد عمراڻي ۽ٻين قومپرستن اڳواڻن شرڪت ڪئي،  گل مورو1965ع ۾ ڳوٺ راحب خان مورو ۾ عطرخان مورو جي گھر ۾ پيدا ٿيو ، اولاد ۾ 3 پٽ 2نياڻيون سوڳوار آھن ، سندس وڇوڙِي تي نيشنل پريس ڪلب پاران 3ڏينھن ۽ سنڌي ادبي سنگت بچل مھر پاران ٽي ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو ۔

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.