ايٿوپيا ۾ باغي فوجين هٿان ڳوٺاڻن جو قتل عام

 

ايدس ابابا (ويب ڊيسڪ) اوڀر آفريقي ملڪ ايٿوپيا جي اختيارين پاران تيگرائي ۾ باغي فوجين هٿان مبينا طور قتل عام جا اطلاع سامهون آيا آهن.

ايٿوپيا جي اتر علائقي امهارا جي ڊاڪٽرن موجب چينا نالي هڪ ڳوٺ مان گهٽ ۾ گهٽ 125 لاش هٿ آيا ۽ ان انگ ۾ واڌ جو به خدشو آهي.

مارجي ويلن ۾ هارين جي خاندانن جا ماڻهو، جن ۾ عورتون، ٻار ۽ پوڙها به شامل آهن.

ٻڌايو ويو آهي ته اهي ماڻهو هلندڙ مهيني جي منڍ ۾ ان وقت باغين هٿان ماريا ويا، جڏهن اهي ان علائقي ۾ مختصر وقت لاءِ موجود هئا.

هاڻ اهو علائقو هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪي فوج جي ڪنٽرول ۾ آهي، جڏهن ته تيگرائي باغين اهڙن الزامن کي رد ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.