”آئيني ڪاميابين کي ناڪامين ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي“

 

ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي صدر مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آمريڪا، يورپ ۽ نيٽو سڀ ناڪام ٿي ويا، آمريڪا جو سپر پاور وارو ٽائيٽل ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي پنهنجي مرضي موجب جاگرافي تبديليون آڻڻ کان دستبردار ٿي وڃي.

ايبٽ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته نائن اليون کانپوءِ طالبان چئي رهيا هئا ته اچو ڳالهيون ڪيون، ان وقت چيو ته توهان سان ڳالهيون نه ٿينديون، توهان ان جي لائق ئي ناهيو ته توهان سان ڳالهيون ڪري سگهجن، پر هاڻي توهان ٻن سالن کان دوحا ۾ طالبان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيو.

مولانا فضل الرحمان چيو ته افغانستان ۾ جيڪا تبديلي آئي آهي اها افغانستان ۾ نه پر سڄي خطي جي تبديلي آهي، طالبان کليل دل جو مظاهروڪيو آهي، 20 سال جنگ جي باوجود عام معافي جو اعلان ڪيو ويو.

پي ڊي ايم جي سربراهه چيو ته طالبان جي کليل دل واري اظهار کي ڀليڪار ڪرڻ گهرجي، روس ۽ پاڙيسري ملڪ هاڪاري رويو اختيار ڪن.

هن چيو ته ويٽ اينڊ سِي، ڦُس ڦُس قسم جو ۽ ڪمزور موقف آهي، روس ۽ چين جا اشارا هاڪاري آهن، جيڪڏهن افغانستان ۾ امن آهي ته سڄي ايشيا ۾ امن آهي، افغانستان جو استحڪام سڄي پاڪستان جو استحڪام آهي.

سنڌ چوڻ هو ته جنهن مقصد جي لاءِ هي ملڪ حاصل ڪيو ويو اڄ به اهو خواب تعبير ٿيڻ جوڳو آهي، جتي قومون اڳتي وڌيون آهن اتي اسان پوئتي ڌڪجي ويا آهيون، مٿي وڌڻ جي بدران اسان هيٺ کسڪي رهيا آهيون، اسان جي وڏڙن پارلياماني سياست جي ذريعي آئين ٺاهيو، اڄ انهن ڪاميابين کي ناڪامين ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اڄڪلهه اسان جو نسل ملڪ جي معيشت جو نتيجو ڏسي رهيو آهي، اڄ عام ماڻهن کي بک بدحالي کانسواءِ ڪجهه ملي ئي نٿو، تبديلي سرڪار اهڙي ته تبديلي آندي جو 6 سيڪڙو ترقي خواب بڻجي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.