نيوزي لينڊ سيريز کان اڳ ئي قومي ٽيم کي ڌچڪو

قومي ٽيم ۽ نيوزي لينڊ ۾ ايندڙ هفتي کان سيريز شروع ٿيڻ واري آهي، ان لاءِ قومي ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان به ڪيو ويو.

ان حوالي سان نيوزي لينڊ خلاف اسڪواڊ ۾ شامل قومي ٽيم جي نوجوان اسپنر محمد نواز جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي آهي ۽ انکي پي سي بي جي ڪووڊ-19 جي پروٽوڪلز موجب قرنطينا موڪليو ويو آهي.

محمد نواز جو ڪورونا ٽيسٽ گذريل ڏينهن ڪيل ڪورونا جي ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي آهي، ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ سبب محمد نواز جي نيوزي لينڊ خلاف ون ڊي سيريز ۾ موجودگي شڪي ٿي وئي آهي.

قومي اسڪواڊ ۾ شامل ٻين سڀني رانديگرن جي ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري آئي آهي تنهن ڪري انهن کي 10 سيپٽمبر جمع واري ڏينهن پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم راولپنڊي ۾ ٽريننگ جي اجازت هوندي.

نيوزي لينڊ جي ٽيم ٽن ون ڊي ۽ پنج ٽي 20 انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ 11 سيپٽمبر تي اسلام آباد پهچندي.

ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز 17 سيپٽمبر کان 3 آڪٽوبر تائين جاري رهندي.

واضح رهي ته گذريل مهين اڳوڻو هيڊ ڪوچ مصباح الحق به ويسٽ انڊيز جي دوري دوران ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو هو.

ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جي ڪري مصباح ٽيم سان گڏ وطن واپس نه موٽيو هو ۽ هن 10 ڏينهن جميڪا ۾ قرنطينا ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.