ڀارتي هيڪرن طرفان هڪ هفتي تائين ايف بي آر جو سسٽم هيڪ ڪرڻ جو انڪشاف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي هيڪرن طرفان 7 ڏينهن تائين ايف بي آر جو سسٽم هيڪ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

اهڙو انڪشاف ناڻي واري وزير شوڪت ترين اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو.

ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر طلحه محمود جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ انڪشاف ٿيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جو سسٽم 7 ڏينهن تائين هيڪ رهيو.

ناڻي واري وزير شوڪت ترين ٻڌايو ته ڀارتي هيڪرن ايف بي آر جو سسٽم هيڪ ڪيو، سسٽم هيڪ ڪرڻ جي سزا جنهن کي ملڻ گهربي هئي، ان کي ملي وئي پر ايف بي آر ۾ سموري سسٽم کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي.

واضح رهي ته ڀارتي هيڪرن 2019 ۾ به ايف بي آر جو سسٽم هيڪ ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.