اوپو جو جڳ مشهور ماڊل پاڪستان ۾ به پهچي ويو

اوپو جي وچولي قيمت واري سمارٽ فونن جي سيريز سڄي دنيا ۾ تمام گهڻي مشهور آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ڪپني طرفان سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ به ڀيرا ان کي اپ ڊيٽ ڪيو ويندو آهي.

مئي ۾ ڪمپني رينو 6 سيريز جا 3 فون رينو 6، رينو 6 پرو ۽ 6 پرو پلس متعارف ڪرايا هئا جن مان هاڻي رينو 6 کي پاڪستان ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

ان فون ۾ 6.43 انج جو فليٽ اموليڊ ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ ۽ ايف ايڇ ڊي پليس ريزوليشن سان گڏ ڏنو ويو.

فون ۾ 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽورجي موجود آهي پر ريم ايڪپينشن ٽيڪنالاجي به ڊوائيس جو حصو آهي جنهن سان ورچوئلي 2-3 يا 5 جي بي واڌارو ريم پاور ڊيوائس کي حاصل هوندي آهي.

اوپو رينو 6 ڪوالڪوم جي اسنيپ ڊراگون 720 جي پراسيسر تي مشتمل آهي.

فون ۾ 4300 ايم اي ايڇ بيٽري موجود آهي جنهن سان گڏ 50 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي.

رينو 6 ۾پٺيان کان 4 ڪيميرائن جو سيٽ اپ ڏنو ويو آهي جنهن ۾ مک ڪيميرا 64 ميگا پڪسل جو آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڊيٽا ڪيمرا موجود آهي.

فون جي اڳيان پنج هول ڊيزائن ۾ 44 ميگا پڪسل جو ڪيميرا لڪل آهي.

پاڪستان ۾ اها فون هاڻي پري آرڊر ۾ ٻن رنگن ۾ موجود آهي ۽ ان جي قيمت 59 هزار 999 رپيا رکي وئي آهي.

ڪمپني آڪٽوبر ۾ اوپو رينو 5 پرو 5 جي بي به متعارف ڪرائڻ جو واعدو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.