حڪومت جو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال کان پوئتي هٽڻ کان انڪار

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ايندڙ عام چونڊن ۾ هر صورت ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

وزيراعظم جي پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ ميڊيا جي خاص نمائندن سان ڳالهائيندي چيو اها غلط فهمي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا ته حڪومت ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ اي وي ايم کان پوئتي هٽي سگهي ٿي، ان کان نه وزيراعظم ۽ حڪومت پوئتي هٽندي.

هن چيو سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو واضح آهي، حڪومت سمجهي ٿي ته انهن کي ووٽنگ جو حق نه ڏيڻ عدالت جي توهين هوندي، اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ لاءِ آئيني ريگوليٽر آهي، اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته اها قانون موجب چونڊون ڪرائي.

سندس چوڻ هو اپوزيشن کي دعوت ڏيان ٿو ته کليل دل سان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي قبول ڪري، اي وي ايم اليڪشن ڪميشن خريد ڪندي حڪومت نه، اسان حڪومت جي تيار ڪيل يا خريد ڪيل ووٽنگ مشين تي اصرار نه پيا ڪيون، حڪومت رڳو فنڊ ڏيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.