سنڌ ۾ ڪورونا جا 976 نوان ڪيس، 16 فوتگيون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا 976 نوان ڪيس سامهون اچڻ سان گڏ 16 فوتگيون به رپورٽ ٿيون آهن.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا صورتحال بيان ۾ ٻڌايو ته تازين فوتگين کانپوءِ صوبي ۾ فوت ٿيندڙن جو مجموعي انگ 7089 ٿي ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته وڌيڪ 976 ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ سنڌ ۾ متاثرن جو مجموعي انگ 441956 ٿي ويو آهي.

هن ٻڌايو ته هن وقت 48501 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 47672 گهرن ۾، 40 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 789 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.

وڏي وزير موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 871 مريض صحتياب ٿيا، جنهن کانپوءِ وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو ڪُل انگ 386366 ٿي ويو آهي.

سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته صوبي ۾ سامهون آيل 976 ڪيسن مان 360 جو واسطو ڪراچي سان آهي، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 120 ڪورونا ڪيس سامهون آيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.