تحريڪ انصاف حڪومت ۾ آپگهات جي شرح به وڌي وئي

 

نفسياتي ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل ٻن سالن دوران ملڪ ۾ آپگهات جي شرح 3 مان وڌي 8 سيڪڙو تي پهچي وئي اهي.

هر سال 10 سيپٽمبر تي آپگهات کان بچاءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ان حوالي سان نفسياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ آپگهات ڪندڙن جي شرح گذريل ٻن سالن ۾ 8 سيڪڙو تائين وڃي پهتي آهي.

رپورٽ موجب تقريب 25 سيڪڙو ماڻهو ڊپريشن، ذهني دٻاءَ ۽ دماغي بيمارين ۾ ورتل آهن، جن ۾ وڌيڪ انگ نوجوانن جو آهي ۽ ماهرن ان جو وڏو سبب معاشي بدحالي ۽ ڪورونا کي قرار ڏنو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اڪيلائي، ڪاوڙ، شرمندگي، نشو ڪرڻ ۽ اهڙيون ڳالهيون جيڪي شرمندگي يا تڪليف جو سبب بڻجن، انسان کي ذهني بيمارين ڏانهن ڌڪينديون آهن، اهڙي صورتحال ۾ گهرڀاتين جي ڌيان ۽ نفسياتي ماهرن جو رابطو ضروري آهي.

نفسياتي ماهرن وڌندڙ ذهني مرضن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وقت تي علاج ۽ ڪونسلنگ سان ڊپريشن ۽ ذهني دٻاءُ ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.