ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ پاڪستان دوري لاءِ انگلش ٽيم جو اعلان

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ پاڪستان دوري لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اي سي بي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ٽيم جي ڪپتاني اين مورگن ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ معين علي، جوني بيئراسٽو، سيم بلنگز، جوز بٽلر، ڊيوڊ ملان، سيم ڪرن، ڪرس جارڊن، ليام ليونگسٽن، جيسن راءِ، ڊيوڊ ولي، عادل رشيد، تائمل ملز، ڪرس ووڪس ۽ مارڪ ووڊ شامل آهن.

انگلش ڪرڪيٽ بورڊ موجب ريزور رانديگرن ۾ ٽام ڪرن، ليام ڊاسن ۽ جيمز ونس شامل آهن، جڏهن ته بين اسٽوڪس اڃا تائين ٽيم لاءِ دستياب ناهي.

انگلش ڪرڪيٽ بورڊ طرفان چيو ويو آهي ته اسڪواڊ جو حتمي اعلان 10 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو.

واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 17  آڪٽوبر کان گڏيل عرب امارتن ۽ عمان ۾ شروع ٿيندو ۽ ميگا ايونٽ جو فائنل 14 نومبر تي دبئي ۾ کيڏيو ويندو.

ورلڊ ڪپ کان اڳ انگلش ٽيم 14 ۽ 15 آڪٽوبر تي راولپڊي ۾ پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.