ڪراچي: ججز جي مقررين ۾سينارٽِي کي نظرانداز ڪرڻ خلاف وڪيلن جو احتجاج

سپريم ڪورٽ ۾ ججزجي مقرري دوران سينيارٽي کي نظرانداز ڪرڻ واري معاملي تي سڄي سنڌ ۾ وڪيل سراپا احتجاج آهن، ڪراچي ۾ پاڪستان بار ڪائونسل، سپريم ڪورٽ بار ائسوسيئيشن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اعلان تحت عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، وڪيلن سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سڀئي دروازا بند ڪري ڇڏيا جنهن سبب  ڪو به سائل عدالت پهچي نه سگهيو جڏهن ته اڳواڻن پاران عدالت جي سامهون ڌرڻو پڻ ڏنو ويو، ڪراچي بار پاران ضلعي عدالتن ۾ به هڙتال ڪئي وئي ، ڪراچي بار  جي سڏ تي وڪيلن پاران عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، وڪيلن جي هڙتال سبب قيدين کي به جيلن مان نه آندو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.