خيرپور ، ڪنڌڪوٽ ، سانگھڙ ، باھوکوسو ۽ ڏھرڪي جون خبرون

خيرپور: لقمان محلي واسڻ جو ٻارڙن سميت مڙس جي زيادتين خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ ھيبت خان باجڪاڻي جي رھواسين پاران ٿاڻو ڊاھڻ خلاف احتجاج

سانگهڙ ۾ منشيات جي وڪري خلاف سول سوسائٽي جي سڏ تي مظاهرو

باهو کوسو: ڳوٺ نور خان سندراڻي ۾اتفاقي بندوق ڇُٽڻ سبب عورت فوت

ڏهرڪي: سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري سميت ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ مظاهرو

1

خيرپور ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي لقمان محلي جي رهواسي عورت مسمات عائشہ ٻارن سميت صحافين وٽ پھچي دانھيندي چيو ته مڙس عمران لوڊرو هن تي غلط الزام لڳائي مٿس ۽  ٻارڙن تي تشدد ڪندو آھي، ھن چيو ته منھنجي نياڻي 8 سالن جي  آھي ان کي  پئسن جي لالچ ۾ وڪرو ڪرڻ ٿو چاهي جنھن جي ڪري هن مون تي الزام لڳائي مون کي ٻارڙن سميت گھر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آھي مان بيوس ٿي ڪري پنھنجي ڀيڻ سان گڏ رھان ٿي،  ھو مون کي ٻچن سميت قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو ، هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته مڙس کي گرفتار کيس انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي .

2

ڪنڌ ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ھيبت خان باجڪاڻي جي رھواسين پاران ھيبت ٿاڻو ڊاھڻ خلاف آفتاب احمد باجڪاڻي ،  شمن باجڪاڻي ،  شير محمد باجڪاڻي ،  بار ڪائونسل جي صدر وڪيل سڪندر علي شاھ ،  سائين زاھد حسين شاھ ،  وڪيل در محمد سبزوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي م پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، جتي احتجاج ڪندڙن دانهيندي چيو ته ھيبت ٿاڻي تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، هاڻي هو ان ٿاڻي کي ڊاھڻ نه ڏيندا ، هنن مطالبو ڪيو ته ٿاڻي کي ڊاهڻ جو فيصلو واپس وٺي علائقي ۾امن امان تي ضابطو آندو وڃي .

3

سانگهڙ ضلعي ۾ آئيس هيروئن، چرس ۽ آفيم جي کلي عام وڪري خلاف سول سوسائٽي سڏ تي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾  سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي  منصور ميمڻ جبار جوڻيجو ، حاجي يامين قريشي غلام قادر انڙ عظيم رونجهو امير بخش بڙدي ۽ ٻين الزام لڳائيندي چيو ته سانگهڙ ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پوليس جي آشرواد سان سرعام مين پڙي گٽڪا ،آئيس، چرس، هيروئن ،آفيم ۽ جوا جا اڏا سرعام هلي رهيا آھن ، جنهن ڪري  نوجوان نسل ڪاري سائي وات گلي جي ڪينسر  جي بيمارين ۾ وٺجي رهيو آهي، هنن آئي جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي شهيد بينظيرآباد کان نوٽيس وٺي منشيات جا اڏا بند ڪري ڊيلرن جي خلاف  قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو .

4

باهو کوسو ڀرسان  ڳوٺ نور خان سندراڻي ۾اتفاقي بندوق ڇٽڻ سبب عورت فوت ٿي وئي، باهو کوسو ٿاڻي حد ڳوٺ نور خان سندراڻي ۾  20 سالن جي ارشاد  عرف جيوي خاتون جي مڙس ممتاز سندراني صحافين کي ٻڌايو هن جي گهرواري گهر ۾ رکيل بندوق کڻي رهي هئي ته اتفاقي فائر ٿيڻ سبب کيس گولي لڳي وئي ۽ هوءَ فوت ٿي وئي، واقعي جي اطلاع تي باهو کوسو پوليس لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاء تعلقي اسپتال منتقل ڪيو.

5

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، وفاق طرفان هزارين سنڌين کي نوڪرين کان برطرف ڪرڻ،  سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضي ۽ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف قومي عوامي تحريڪ ضلعي گھوٽڪي جي سڏ تي ڏھرڪي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن تراب شر، ڪامريڊ لطف شر، حسين شر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۡافغاني لوڌ اچڻ سبب اسان لاءِ ڪيترائي مسئلا پئدا ٿي رھيا آھن ، ھنن چيو تہ سنڌ ۾ اڳ ئي بيروزگاري عروج تي آھي مٿان وري وفاقي حڪومت ھزارين سنڌين کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آھي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ،ھنن چتاءُ ڏنو ته جيستائين سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين تي ضابطو نه ايندواحتجاج جاري رھندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.