ريئل مي شاندار ٽيبليٽ پيش ڪري ڇڏيو

 

چيني ڪمپني ريئل مي پنهنجو پهريون ٽيبليٽ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي

ريئل مي پيڊ نالي ان ٽيبليٽ ۾ 10.4 انچ جو آءِ پي ايس ايل سي ڊي ڊسپلي 2000×1200 پڪسل ريزوليشن سان گڏ ڏنو ويو آهي.

اها ٽيبليٽ متاثر ڪندڙ حد تائين سنهي باڊي وارو آهي جنهن جي ٿولهه رڳو 6.9 ملي ميٽر آهي.

ڪمپني موجب ٽيبليٽ ۾ ميڊيا ٽيڪ جو هيليو جي 80 پراسيسر موجود آهي.

اهڙي ريت 3 ۽ 4 جي بي ريم ۽ 32 ۽ 64 جي بي اسٽوريج جا آپشن واهپيدارن لاءِ موجود آهن ۽ اسٽوريج ۾ ايس ڊي ڪارڊ ذريعي وڌيڪ واڌارو ڪري سگهجي ٿو.

ٽيبليٽ ۾ فرنٽ ۽ بيڪ تي هڪ هڪ ڪيمرا موجود آهي، اها ٻئي ڪيميرا 8 ميگا پڪسل جا آهن.

ٽيبليٽ ۾ 7100 ايم اي ايڇ جي بيٽري آهي جنهن سان گڏ 18 واٽ چارجنگ ۽ ريورس چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي.

ٽيبليٽ جي چئني ڪنڊن ۾ چار اسپيڪر ڏنل آهن جن ۾ ڊولبي ايٽموس ايڊاپٽور سرائونڊ سائونڊ سپورٽ ڏني وئي آهي.

ان ٽيبليٽ ۾ اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم جي چونڊ ريئل مي يو آءِ فار پيڊ سان ڪئي وئي آهي.

اهو ٽيبليٽ ٻن رنگن ۾ موجود هوندو جنهن جو 3 جي بي ريم ۽ 32 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 190 ڊالر لڳ ڀڳ 32 هزار رپيا پاڪستاني ۾ وڪرو ڪيو ويندو.

اهڙي ريت ان ماڊل ۾ واءِ فاءِ ۽ ايل ٽي اِي سپورٽ وارو ورزن 215 ڊالر مطلب ته 36 هزار پاڪستاني رپين کان مٿي جڏهن ته 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽورجي وارو ٽيبليٽ 245 ڊالر مطلب ته 41 هزار پاڪستاني رپين کان مٿي موجود هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.