جسٽس عائشا ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جو معاملو ٽاءِ ٿي ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عائشا ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جو معاملو 4-4 سان ٽاءِ ٿي ويو.

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس عائشا ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي معاملي تي غور ٿيو ۽ اهو معاملو 4-4 سان ٽاءِ ٿي ويو.

ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻاهرين ملڪ هجڻ سبب اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو ۽ ان جي طرفان جسٽس عائشا ملڪ جي حوالي سان ڪا راءِ به سامهون نه آئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان سپريم ڪورٽ ۾ جج جي مقرري لاءِ هاءِ ڪورٽ جي جج جي نالي جي سفارش ڏيندو آهي، جنهن جي جڊيشل ڪميشن منظوري ڏيندي آهي، جڏهن ته جسٽس عائشا ملڪ جي نالي جي سفارش به چيف جسٽس طرفان ڪئي وئي هئي پر ٽيڪنيڪي طور تي جسٽس عائشا جو نالو سپريم ڪورٽ ۾ جج طور مقرري لاءِ رد ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ چيف جسٽس گلزار احمد، جسٽس عمر عطا بنديال، اٽارني جنرل آف پاڪستان ۽ قانون واري وزير جسٽس عائشا ملڪ جي نالي جي حمايت ڪئي، جڏهن ته جسٽس مقبول باقر، جسٽس سردار طارق مسعود، پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) دوست محمد مخالفت ۾ ووٽ ڏنو.

ذريعن موجب قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته آئين تحت اڪثريت جڏهن ڪنهن نالي جي منظوري نه ڏئي ته اهو نالو اڳتي نٿو وڃي سگهي، تنهن ڪري ٽيڪنيڪي طور جسٽس عائشا ملڪ جو نالو رد ٿيو آهي، جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ ان جي نالي جي منظوري ٿئي ها ته هوءَ سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ٿيندڙ پهرين عورت جج هجي ها.

ذريعن جو چوڻ آهي اٽارني جنرل اجلاس ۾ تجويز ڏني ته باقي هاءِ ڪورٽس جي عورت ججز جي به ججمينٽ ۽ رڪارڊ گهرايو وڃي ۽ ان معاملي کي ايندڙ ميٽنگ لاءِ ريفر ڪيو وڃي پر ان معاملي تي به اتفاق نه ٿيو.

واضح رهي ته جسٽس عائشا ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي معاملي تي وڪيل برادري سراپا احتجاج آهي ۽ مختلف بار ڪائونسلز جو موقف آهي ته ججن جي مقرري ۾ سينارٽي اصولن کي نظر ۾ نه رکيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.