بلاول واري آڇ اسان کي به ٿي پر اسان قبول نه ڪئي: مولانا فضل الرحمان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪا آڇ بلاول کي ٿي، اها اسان کي به هٿي پر اسان قبول نه ڪئي.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم ٽٽڻ جو ذميوار بلاول ڀٽو زرداري کي قرار ڏنو ۽ چيو ته اسان جي صفن ۾ مير جعفر ۽ مير صادق هجڻ سبب نقصان پهتو، بلاول حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ سان بريڪٽ ٿيو، جيڪا آڇ بلاول کي ٿي، اها اسان کي به ٿي پر اسان قبول نه ڪئي.

هن چيو ته استعيفائن جو آپشن پي ڊي ايم جي پڌرائيءَ ۾ موجود هو، پ پ اسان جي ڳالهه مڃي ها ته اڄ حڪومت ختم ٿي چڪي هجي ها ۽ چونڊون به ٿي چڪيون هجن ها.

سندس چوڻ هو ته اسان گهڻو ڪجهه ڄاڻون ٿا، گهڻو ڪجهه علم ۾ آهي پر ڪو محاذ نٿا کولڻ چاهيون، جيڪڏهن اسان محاذ کولڻ تي آياسين ته هڪ سوئي به نه رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.