بيمارين کان بچاءَ لاءِ لسيءَ جي استعمال جا حيران ڪندڙ فائدا

لسي، ڏهي يا ڌنئوري مان ٺهندڙ هڪ روايتي پيئڻ واري شيءِ آهي جيڪا پنجاب ۽ سنڌ ۾ گهڻي قدر استعمال ٿيندي آهي.

عام طور تي ڏهي ۾ پاڻي ملائي منڌاڻي سان ولوڙيو ويندو آهي يا ڳوٺن ۾ سڄي رات کير ڄمائڻ کانپوءِ صبح جي وقت جيڪو ڌنئورو ٺهي ويندو آهي انکي منڌاڻي سان ولوڙيو ويندو آهي ٻنهي صورتن ۾ ڏهي ۽ ڌنئوري مان مکڻ الڳ ڪري پوءِ بچندڙ لسي ۾ پاڻي وجهي ان ۾ لوڻ وجهي پيتو ويندو آهي ڪيترائي ماڻهو ان ۾ کنڊ جو استعمال به ڪندا آهن.

گهڻي قدر لسي ۾ پاڻي ئي لوڻ ئي استعمال ڪيو ويندو آهي پر شهرن ۾ وري مٺي لسي جو استعمال نمڪين لسي جي ڀيٽ ۾ گهڻو ٿيندو آهي.

لسي صبح جي ماني خاص ڪري منجهند جي ماني وقت گهڻي قدر استعمال ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته ديسي علاج ۽ ٽوٽڪن ۾ به لسي کي خاص اهميت حاصل آهي.

اڄڪلهه جي خوراڪ ته اهڙي ٿي وئي آهي جنهن جي استعمال سان ماڻهو بيمار ئي رهندو آهي، ڇو ته ڀاڄين توڙي چانورن ۽ ڪڻڪ جي فصل ۾ زهر واري دوائن ۽ ڀاڄ جي استعمال سبب ڪجهه نه ڪجهه اثر انهن تي به رهجي وڃن ٿا.

جڏهن ته اڄڪلهه گاهه جي وڌيڪ پيدوار لاءِ به ڪيميڪل مليل زرعي ڀاڻن ۽ دوائن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو جنهن جي کائڻ سان مينهن جي کير ۾ به اڄ اهي فائدا ناهن رهيا جيڪا اڳي هوندا هئا.

اهڙي شين جي کائڻ سان پٺي ۽ جوڙن ۾ سور سميت خاص ڪري معدي جون بيماريون وڌي ويون آهن ۽ معدي جون بيماريون ئي ٻين بيمارين کي جنم ڏين ٿيون.

جيڪڏهن توهان اهڙين بيمارين سان منهن ڏئي رهيا آهيو ۽ انهن مان جند آجي ڪرڻ چاهيو ٿا ته لسي ۾ کنئور جو مخصوص قسم جنهن کي (گوند ڪتيرا) چئبو آهي کي استعمال ڪيو.

کير کي صحيح نموني ملائي وٺو پوءِ ان ۾ مصري ۽ اهو گوند ڪتيرا پيسي شامل ڪيو ۽ اها لسي ڏينهن ۾ ڪهڙي به وقت هڪ ڀيرو استعمال ڪيو.

ان جي روزاني استعمال سان توهان معدي، جگر جي گرمي رت جي گهٽتائي ۽ هڏين ۽ جوڙن جو سور ۽ جسماني ڪمزورين جي مسئلن مان نجات ماڻي سگهو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.