ملڪ ۾ سون مهانگو ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون اگهن ۾ واڌ ٿي وئي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 500 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 12 هزار رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 429 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 96 هزار 22 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 5 ڊالر واڌ سان 1795 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.