اداڪار ياسر گهرواري جي ٽوڪ ڪرڻ لڳو، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل

 

مارننگ شو جي ميزبان ۽ اداڪارا ندا ياسر جي اڄڪلهه هڪ پراڻي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدار پيروڊي ڪندي نظر آيا آهن.

ندا ياسر جي مارننگ شو جو هڪ ڪلپ ٽوئيٽر واهپيدار طرفان شيئر ڪيو ويو جنهن ۾ هوءَ فارمولا ون ريسلنگ ڪار ۽ انگريزي جي لفظ ”فارمولا“ ۾ فرق نٿي ڪري سگهي.

 

ندا جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ٽوئيٽر تي ان جي نالي جو هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ ۾ شامل ٿي ويو ۽ ان تي سوين ميمز ٺاهيا ويا جڏهن ته واهپيدارن طرفان ان تي ٽوڪ ۽ سخت تنقيد پڻ ڪئي پئي وڃي،

ان حوالي سان گذريل ڏينهن ندا جي مڙس ياسر نواز به انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو ندا جي فارمولا ون ڪار جي حوالي سان لاعلمي تي مٿي ته رئو پائي اداڪاري ڪري رهيو آهي ۽ انجي پيروڊي ڪري رهيو آهي.

ياسر جي ان وڊيو تي نه رڳو واهپيدارن طرفان حيراني جو اظهار ڪيو ويو آهي پر شوبز شخصيتن به هن جي ساراهه ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.