ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 84 فوتگيون، 4062 نوان مريض

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 84 مريض لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 4062 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سامهون آيل 4062 نون ڪيسن کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 11 لک 94 هزار 198 ٿي ويو آهي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 6.43 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

اين سي او سي موجب وڌيڪ 84 فوتگين کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جو مجموعي انگ 26 هزار 497 تي پهچي ويو آهي.

سرڪاري پورٽل تي ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 4136 مريض صحتياب پڻ ٿيا، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 10 لک 76 هزار 112 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 91589 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.