يمي گوتم مهانگي ساڙهي پهري ورتي، تصويرون وائرل

 

ممبئي(ويب ڊيسڪ) فيئر اينڊ لولي گرل باليووڊ جي من موهڻي ماڊل ۽ اداڪارا به آهي.

تمي گوتم فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون آهن جن ۾ ان کي سائي ۽ گلابي رنگ جي بنارسي ساڙهي پهريل آهي.

ڀارتي ماڊل ۽ اداڪارا تمي گوتم کي فوٽن ۾ جيڪا ساڙهي پهريل آهي ان جي قيمت 1،62،500 ڀارتي رپيا آهي.

اهڙي بنارسي ساڙهي پروموشنل ايونٽ جي لاءِ ڀارتي فيشن ڊيزائنر ايڪايا يمي گوتم جي لاءِ چونڊي آهي.

يمي گوتم پنهنجي نئين فلم ”ڀوت پوليس“ جي پروموشنل ايونٽ جي لاءِ اها ڏيڍ لک کان مٿي جي ساڙهي پهري آهي.

اداڪارا اصل سون جي زري سان ڪم ٿيل ان خوبصورت ساڙهي ۽ هلڪي ميڪ اپ ۾ تمام سهڻي لڳي رهي آهي.

واضح رهي ته اداڪارا يمي گوتم ان نئين فلم ”ڀوت پوليس“ ۾ اداڪار سيف علي خان، ارجن ڪپور ۽ اداڪارا جيڪولين فرنينڊز سان گڏ نظر ايندي جيڪا اسٽريمنگ ويب سائيٽ ذزني هاٽ پلس اسٽار تي رليز ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.