ٻٽي پاليسي نه هلندي: بلاول ڀٽو زرداري ن ليگ تي ڏمرجي پيو

 

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ هڪ به واعدو پورو نه ڪيو، عمران خان هر هڪ واعدو ڪوڙو نڪتو، 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ ۽ 50 لک گهر ٺاهڻ جو واعدو ڪوڙو نڪتو، ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي.

رحيم يار خان ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان عوامي حڪومت لاءِ سِڪي رهيو آهي، اڳتي پ پ وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومت ٺاهيندي.

هن ن ليگ تي به تنقيد ڪندي چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته ووٽ جي عزت جي ڳالهه ٿئي ۽ ووٽ جي استعمال وقت ڀڄي وڃو، ٻٽي پاليسي نه هلندي، يا اپوزيشن ڪيو يا اعلان ڪيو ته توهان حڪومت جا سهولتڪار آهيو، اسان چئون ٿا ووٽ استعمال ڪيو، بوزدار کي ڀڄايو، عمران کي گهر موڪليو.

پ پ چيئرمين موجب لانگ مارچ ڪيو يا وري چئو ته حڪومت سان سهولتڪار آهيون، پنجاب جو عوام منافقت جي سياست کي تسليم نه ڪندو، هاڻ توهان کي ڪجهه ڪرڻو پوندو نه ته پنجاب جو عوام ڄاڻي ويندو ته اها منافقت آهي، جيڪڏهن توهان تيار نه ٿيئو ته عوام توهان کي معاف نه ڪندو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو جڏهن اسان توهان سان گڏ هئاسين ته توهان چيو استعيفيٰ بنا ڪم نه هلندو، هاڻ توهان لاءِ چئلينج آهي اسان سان گڏجي پنهنجو ووٽ استعمال ڪيو، جيڪڏهن اسان جي نٿا ٻڌو ته پنهنجي ئي ڳالهه ۽ پنهنجي دعويٰ تي عمل ڪيو، توهان کي ٻنهي مان هڪ ڪم ڪرڻو آهي، ووٽ استعمال ڪيو يا استعيفيٰ ڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.