ڳيريلو لڳ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ڳيريلو ڀرسان ڳوٺ عمر ڀيو ۾ 14 سالن جو نينگر مقيم پٽ سڪندر علي ڀٽو ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنهن تي وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي بجلي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل نينگر جي سئوٽ قربان علي ڀيو ٻڌايو ته منهنجو سئوٽ مقيم گهر ٻاهريان بجلي جي ٿنڀي وٽ بيٺو جتي بجلي ڪرنٽ لڳڻ سبب هو سڙي زخمي ٿيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.