تنگواڻي ۾پيرسن فوت، ايمبولينس نه ملي، لاش لوڊر تي کنيو ويو

تنگواڻي (رپورٽ : مھتاب ملڪ ) تنگواڻي ايمبولينس جي سهولت کان محروم بخار وگهي فوت ٿيل پيرسن عبدالخالق بگٽي جو لاش وارث لوڊر رڪشا تي کڻائي ويا،ڳوٺ علي نواز جکراڻي شهر کان 15 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي هوندي بہ سول اسپتال انتظاميہ ايمبولينس نہ ڏني، رابطي ڪرڻ تي ايم ايس رورل هيلٿ سينٽر شاهنواز ڏاهاڻي ٻڌايو تہ هڪ ئي ايمبولينس ڊرائيور آهي جيڪو موڪل تي ويل آهي،شهرين پاڻمرادو چندو ڪري سندس ڀاءُ صلاح بگٽي کي رڪشا لوڊر جو ڪرايو ادا ڪيو،هوڏانهن شهر جي سياسي سماجي ڌرين افسوس جو اظهار ڪندي چيو تہ آر ايڇ سي انتظاميہ جي بيحسي آهي،ايمبولينس جي هوندي بہ لاش لوڊر رڪشا تي کنيا پيا وڃن، سماجي اڳواڻ قاري ڪفايت الله کوسو،لونگ آڪاش نندواڻي،شربت علي ۽ ٻين چيو تہ صحت کاتي جون اعلىٰ اختياريون نوٽيس وٺي سخت ڪاروائي ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.