ڪلوئي ۾ سماجي اڳواڻ ۽ مختيارڪار هٿين پئجي ويا

ڪلوئي ( ت ر) ڪلوئي بائي پاس وٽ ڪجهھ ڏينهن اڳ ۾ مسجد ٺهي رهي هئي جنهن جو مختيارڪار مبينا   ڪم بند ڪرايو آهي جنهن کان پوءِ ميڊيا ۾ خبرون ھلڻ کان پوءِ  ڊي ايس پي مٺي اسٽنٽ ڪمشنر ڪلوئي انڪوائري لاءِ ڪلوئي مسجد واري هنڌ پهتا جتي مسجد جو معائنو ڪرڻ کان پوءِ ڳالهين لاءِ مختيار ڪار آفيس ڪلوئي پهتا جتي ڊي ايس پي مٺي اسٽيٽ ڪميشنر ڪلوئي جي موجودگي ۾ مولوي رمضان لنڊ ۽ مختيار ڪار ڪلوئي سجاد انصاري هٿين پئجي ويا جنهن کان پوءِ مولوي رمضان لنڊ سخت نعريبازي ڪندي آفيس کان ٻاهر نڪري ويو جنهن کان پوءِ مختيار ڪار ڪلوئي جي آفيس ۾ ڪشيدگي وارو ماحول پيدا ٿي ويو اهڙي صورتحال ۾ ڊي ايس پي مٺي ايس ايڇ او ڪلوئي مختيار ڪار ۽ اسٽنٽ ڪمشنر کي آفيس ۾ ڇڏي موبائيل ۾ هليا ويا واضح رهي ته ڪهجه ڏينهن اڳ ڪلوئي جي مختيارڪار جي ڪرسي تي مولوي رمضان لنڊ جي ويھڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل پڻ ٿي هئي جنهن کان پوءِ مختيار ڪار کيس گٿا الفاظ چيا جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي ۽ مولوي رمضان لنڊ تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو هو واضح رهي ته ڪل مٺي ۾ پيپلزپارٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو هو خورشيد جي جي آزادي لاءِ جتي پڻ مولوي رمضان لنڊ انوکو احتجاج ڪندي ٿرپارڪر جي اعلي قيادت جي اڳيان ڌانھندي چيو پھريان مون سان انصاف ڪيو پوء خورشيد شاهه لاء احتجاج ڪيو مون سان مختيار ڪار ڪلوئي سجاد انصاري زيادتي ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.