اوٻاوڙو مان عورتن ۽ ٻارڙن سميت 11 افغاني گرفتار

اوٻاوڙو ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو سنڌ پنجاب بارڊر رينجرز چيڪ پوسٽ وٽ  اوٻاوڙو پوليس جي ڪارروائي چيڪنگ دوران پنجاب رستي سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ  افغانستان مان آيل  پناھگيرن کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ 2 مرد 3 عورتون ۽ 6 ٻار شامل جن ۾ جلال آباد افغانستان جو رھواسي  ميرواعيظ ولد لعل گل، ترين پٺاڻ، 2 افغانستان جي شھر قندوز جو رھواسي غلام رسول ولد غلام دستگير اچڪزئي، 3 فوزيه زال ميرواعيظ ترين پٺاڻ 4 زھره زال  غلام راس اچڪزائي 5 لطيفان زال محمد ھاشم اچڪزئي پٺاڻ ۽ 6 ٻارن سميت گرفتار جن کان تلاشي دوران 3000 روپيا افغاني ڪرنسي  10000 روپيا پاڪستاني نوٽ ۽ ھڪ عدد موبائل فون ھٿ ڪري ورتا پوليس گرفتار افغان پناھگيرن کي ٿاڻي تي کڻي آئي جن خلاف ڪرائم نمبر 136/2021 دفعه  14 فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.