ڪي اين شاهه ويجهو ڪار مان لکين رپين جي منشيات هٿ

خيرپورناٿن شاهه ( ن ع آ  ) خيرپورناٿن شاهه ڀرسان ڳوٺ باغائي چانڊيو ساهمون بلوچستان کان ڄامشورو ويندڙ ڪرولا الٽو ڪار نمبر-359 BRA انڊس هائي وي تي تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي روڊ تي ڪري پئي ڪار ۾ ويٺل ٻه ڄڻا معجزاني طور تي بچي ويا پوليس ڪار ۾ ويٺل ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪار ۾ پيل لکين روپين جي ماليت جا 32 ڪٽا نشي آور سوپاريون گٽڪا هٿ ڪري ورتا خيرپورناٿن شاه ٿاڻي تي ٻن جوابدارن واحد بخش ولد دلدار خان تنيو ويٺل اوستا محمد بلوچستان ۽ محمد آصف ولد محمد امين بروهي ويٺل بلوچستان  ٻنهي جوابدارن خلاف نارڪوٽيڪس تحت منشات جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي رابطي تي ايس ايڇ او خيرپورناٿن شاه علي اڪبر چنا ٻڌايو ته اسان کي خفيا اطلاع مليو اسان جي پوليس موبائيل تي اهلڪارن ڳوٺ باغائي چانڊيو ساهون انڊس هائي تي ڪار کي روڪيو ته ڪار ڊرائيور تيز رفتاري سبب ڪار ڪلٽي ٿي پئي اسان جي جوانن ڪار ۾ سوار ٻن ڄڻن کي سوگهو ڪري ورتو ڪار ۾ 10 لکن کان وڌيڪ ماليت جون زيڊ ايڪيه زهريليون سوپاريون گٽڪا هيا جيڪي هٿ ڪري ورتا آهن ٻنهي جوابدارن خلاف نارڪوٽيڪس منشات جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي وڌيڪ جوابدارن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.

ميرواهه ۽ ڀرپاسي سرعام منشيات وڪرو، نوجوان نسل تباهه

ميرواهه گورچاڻي (ن ع آ) ميرواهه گورچاڻي شهر  توڙي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سرعام هلندڙ  منشيات وڪرو ڪندڙن جي گهرن تي ڪسٽم جي پوليس  اوچتو ڇاپو هڻي ٿي ته ڪڏهن وري ميرواہ گورچاڻي پوليس اسٽيشن جي اڳوڻي انچارج ايس ايڇ او ڪنورسنگه ٺڪر جي ميرپورخاص واري رهائش تان رات جو ايف آئي اي خفيا اطلاع تي ڪارروائي ڪري ڪروڙين رپين جي ماليت جي منشيات ۽ هٿيار هٿ ڪري ٿي.  چوندا آهن ته پوليس پنھنجي تي اچي ته چڱا ڀلا ٺيڪ ٿي ويندا آهن ته پوءِ ميرواہ گورچاڻي پوليس عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ڇو پٺتي پيل آهي هن شهر ۾ سرعام منشيات جو هلڻ جنهن تي مقامي پوليس خاموش بڻيل آهي ٻئي طرف ڪڏهن ايف آئي اداري طرفان ڪاروايون ڪري رات پيٽ ۾ مقامي پوليس اسٽيشن جي سابق انچارج ڪنور سنگهه سوڍو جي گهران ڪروڙين رپين جي منشيات ۽ هٿيار هٿ اچڻ ۽ ٻئي طرف ڏينهن ڏٺي جو منشيات جي ڊون انس آرائين جي گهر تي هڪ خفيا اطلاع تي حيدرآباد جي ڪسٽم پوليس جي ڪارروائي ۾ لکين رپين جو انسان دشمن زهريلو انڊين صفينا گٽڪو برآمد ٿئي ٿو اهڙي ماجرا تي علائقي جي خاص ڪري غريب عوام ۽ ڪيترين قسمن جون قياس آرايون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون هڪڙن جو چوڻ آهي ته پوليس جو ڏوھ ناهي اهڙن منشيات وڪرو ڪندڙن تي ڪي غيبي يا سياسي هٿ آهن پر اھڙي عوام دشمن عمل ڪندڙ ڏوهارين تي ڪنهن جا سڌا يا اڻ سڌي طرح هٿ هجن پر جي گدرو ڪاتي تي ڪري يا ڪاتي گدري تي ڪري ٻنهي صورتن ۾ نقصان گدري جو ئي ٿيڻو آهي اهڙي طرح منشيات با اثر ماڻهن جي هٿان وڪرو ٿئي يا پوليس آفيسرن جي هٿان. اهو زهر استعمال ڪرڻو وري به بي سمجهه عوام کي ئي آهي نقصان  ٻنهي صورتن ۾ عوام جو ئي ٿيڻو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.