ڪڪڙ ويجهو پاڻي کوٽ خلاف سوين آبادگارن جو ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

ڪڪڙ(ن ع آ)  پيارو شاخ راھوجا ڪڪڙ شاخ سميت مختلف شاخن اندر گذريل 3 مھينن کان زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف سوين  آبادگارن 4 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري احتجاج ڪيو آبادگارن حاجي ڀائي خان برھماڻي اقبال چارڻ حبيب الله ھنڱورو غلام حسين ھنڱورو سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن سڪل ٻيجارو سميت ڪڪڙ لڳ چودگي اسٽاپ وٽ   انڊس ھاء وي روڊ تي شاميانه ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو سخت گرمي ۾ لڳاتار 4 ڪلاڪ لڳل ڌرڻي سبب سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون سنڌ بلوچستان ويندڙ ٽريفڪ معطل رھي سخت گرمي سبب مسافر سخت پريشاني جو شڪار رھيا آبادگارن   پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا نعره ھنيا پاڻي  جي کوٽ جون دانھون ڪيون ان موقعي تي مختلف شاخن جي   آبادگارن ڀائي خان برھماڻي اقبال چارڻ حبيب الله ھنڱورو چيو ت گذريل ٽن مھينن کان پيارو ۽ راھوجا شاخ ۽ ڪڪڙ سميت ٻين شاخن اندر  زرعي پاڻي اڃا تائين ن پھتو آھي شاخن ۾ واري اڏامي رھي آھي آبپاشي داروغو علي حسن چانڊيو جيڪو بااثرن کي پئسن عيوض پاڻي لفٽ ذريعي وڪرو ڪري چوري ڪري کين ڏنو پيو وڃي پڇڙي جا آبادگار لاء زرعي  پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪئي پئي وڃي فصلن لاء ت پري جا ڳالھ آھي پر مال جي پيئڻ لاء پاڻي ڪونھي مال اڃ وگھي مري رھيو آھي پر ظالم آبپاشي عملي کي رحم نٿو اچي آبادگارن وڌيڪ چيو ت منڍ جي آبادگارن جون زمينون آباد ٿي چڪيون آھن جن جو فصل تيار ٿي چڪو آھي پر پڇڙي جي زمين لاء پاڻي ن آھي    اسان جو گذر سفر زراعت تي  آھي نائون مھينو ھلي ٿو اڃا تائين شاخن اندر  پاڻي ن پھتو آھي آبادگارن جو معاشي قتلام ٿيو آھي   جيڪو آبادگارن سان ناحق ظلم آھي شاخن اندر زرعي پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي. ھوڏانھن پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو لڳل ڌرڻي ۾ ۾ پ پ ضذلعي اڳوڻ ايم عمر پنھور ۽ جي يو آء اڳوڻ مولانا انور کوھارو پھتا جتي آبادگارن جي حمايت ڪئي ايم عمر پنھور پاران ڊي سي دادو سميع الله شيخ ۽ ايريگيشن اي سي دادو سان فون تي پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان ڳالھيون ڪيون جتي کين شاخن ۾ ٻن ڏينھن اندر پاڻي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي  لڳل ڌرڻو 4 ڪلاڪن کانپوء ختم ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.