ڪي اين شاهه ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نوجوان زخمي

خيرپور ناٿن شاھ ( ن ع آ  ) خيرپورناٿن شاه ويجهو ڳوٺ جمال خان لغاري ۾ سڱاوتي تڪرار تان لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ، مبينا فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو 36 ورهين جو امتياز ولد عبدالحميد لغاري زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن تعلقا اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن زخمي کي طبي امداد  ڏئي کيس وڌيڪ علاج لاء لاڙڪاڻي اسپتال رفر ليٽر ڏنو ايمبولنس ڊرائيور زخمي کي تيل جا پئسا ڏيڻ لاء چيو زخمي شخص وٺ ايمبولنس ۾ تيل ڀرائيڻ جا پئسا نه هجڻ تي ايمرجنسي گيٽ جي ڏاڪڻ تي تڙپندو رهيو زخمي شخص ٻڌايو ته اسان جو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي مخالفن منهنجي گهر تي هلان ڪري مونکي مارڻ لاء فائرنگ ڪئي گوليون منهنجي ڄنگه ۾ لڳيون حملي آوور فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا مان زخمي حالت ۾ اسپتال ۾ آهيان منهنجو علاج نٿو ڪيو وڃي ڊاڪٽرن مونکي لاڙڪاڻي اسپتال رفر ڪيو آهي اسپتال وارا چون ٿا ايمبولنس ۾ تيل ڀرائيڻ لاء ٻه هزار ڏي مون وٽ پئسا ناهن مونکي لاڙڪاڻي نٿا کڻي وڃن مان تڙپي رهيو آهيان ان موقعي تي ايس ايڇ او خيرپورناٿن شاه علي اڪبر چنا پهچي اسپتال انتظاميا سان ڳالهائي زخمي شخص کي ايمبولنس ۾ لاڙڪاڻي رفر ڪرايو ڊيوٽي ڊاڪٽر ٻڌايو ته اسان ميڊيڪل سپريڊنٽ سان ڳالهايو آهي ان ڊرائيور کي چيو آهي زخمي شخص کي لاڙڪاڻي کڻي وڃڻ لاء باقي تيل بابت ايم ايس ٻڌائي سگهي ٿو ، رابطو ڪرڻ تي ايم ايس جو نمبر بند مليو جڏهن ته آخري اطلاع تائين جهيڙي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.