سڪرنڊ ويجهو ڪوچ ۽ مزدا ۾ٽڪر، هڪ فوت، 11 زخمي

سڪرنڊ (ن ع آ)  سڪرنڊ ويجهو قومي شاهراه صابو راهو اسٽاپ تي مانسره کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ جو بيٺل مزدا کي ٽڪر, نتيجي ۾ ڪوچ ڊرائيور جنيد احمد رنڌاوا ڪراچي واسي موقعي تي فوت, جڏهن ته 11 مسافر زخمي ٿي پيا, زخمين ۾ سعيد اسلام ,سعد الله, موري واسي مسمات طاهره ۽ سندس ڌي زينب , ارسلان , ابوبڪر خان , رحمت الله ,  نعيم علي, فضل الرحمان پٺاڻ  ۽ ٻيا شامل آهن, جڏهن ته صرف سماجي تنظيم همدرد جي هڪ ايمبولينس هجڻ ڪري زخمين کي نوابشاهه ۽ سڪرنڊ اسپتال منتقل ڪرڻ دير ٿي, جڏهن ته بس ڊرائيور جو لاش بس ۾ ڦاٿل هئڻ ڪري ٻن ڪلاڪن بعد ڪرين ذريعي ڪڍيو ويو, موٽروي پوليس موقعي تي موجود هجڻ باوجود زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي, جڏهن ته موري واسي مسمات طاهره ۽سندس معصوم نياڻي زينب سيال جي حالت خراب هئڻ ڪري کيس نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو, جڏهن ته زخمي مزدا ڊرائيور سعيد اسلام ٻڌايو ته اسان مزدا جو ٽائر پنچر هئڻ ڪري مرمتي ڪم ڪري رهيا هئاسون ته اوچتو ڪوچ مزدا سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي وئي, ٻئي طرف ڪوچ جي ڪنڊيڪٽر ارسلان ٻڌايو ته برسات سبب گاڏي سلپ ٿيڻ ڪري مزدا سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي وئي اسان جي بس ۾ 35 مسافر سوار هئا جيڪي مختلف شهرن کان بس ۾ ,سوار ٿيا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.