کپري ۾بجلي بند، پريشان شهرين جو ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

کپرو (رپورٽ:اسلم بوزدار) کپرو شھر جي غريب آباد محلي جي وارڊ نمبر 74 جي بجلي جي 200 وولٽ جو ٽرانسفارمر گذريل 6 ڏينهن کان خراب پيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ تي ايس ڊي او واپڊا کپرو خلاف غريب آباد محلي جي رهواسين مشتاق جٽ , حاجي سلام ملڪ , جيدو مالهي جي اڳواڻي ۾ شھرين ٽائر ساڙي چارئي روڊ بلاڪ ڪري کپرو شھيد چوڪ سامهون پريس ڪلب اڳيان نٽڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي شھرين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته غريب آباد محلي جي بجلي جو ٽرانسفارمر گذريل 6 ڏينهن کان خراب هئڻ سبب رهواسين جون سخت گرمي ۾ ننڍن توڙي وڏن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي سڄي رات اوجاڳا ڪٽي راتون گذارڻ تي مجبور آھيون اسان واپڊا جي ايس ڊي او کپرو کي ٽرانسفارمر خراب ٺهرائي ڏيڻ جو چيو پر اسان جي واپڊا کپرو انتظاميه هڪ به ناهي ٻڌي اسان هي واپڊا کپرو خلاف هي ٻيو احتجاج ڪري رهيا آھيون اسان کي واپڊا ايس ڊي او ٽرانسفارمر نٿو تبديل ڪري ڏي 3 ڏينهن کان ٽرانسفارمر اسان شھرين 3 دفعا چندو ڪري ٺھرايو بار بار ٽرانسفارمر سڙي وڃي ٿو اسان ڪنهن کي دانهن ڏيون اسان جي دانهن ڪير به ٻڌڻ لاء تيار ناهي چونڊيل نمائندن به اسان غريب آباد محلي جي سار نه لڌي سخت گرمي ۾ محلي جا رهواسين سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا آھن کپرو جي غريب آباد محلي جي رهواسين ايڪسين سانگهڙ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي ته کپرو جي نااهل ايس ڊي او واپڊا کپرو کي بدلي ڪري فرض شناص مقرر ڪيو وڃي غريب آباد محلي ۾ نئون ٽرانسفارنر 200 وولٽ جي منظور ڪري غريب آباد محلي جي بجي بحال ڪئي وڃي نه ته اسان احتجاج جو دائرو وسيع ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.