لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جو لاش هٿ، لا وارث ڄاڻائي ايڌي حوالي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد مان گذريل اربع رات دير سان 28 سالن جي نوجوان جو لاش ڏسي علائقي واسين حد جي ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي فوتي جو لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو جتي ضروري ڪاروائي بعد فوتي جو لاش ايڌهي انتظاميه حوالي ڪيو ويو جن طرفان فوتي نوجوان جي وارثن جي ڳولا ڪئي ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود وارثن جو ڏس پتو نه پوڻ تي ايڌهي انتظاميه لاش کي غسل ۽ ڪفن ڏئي شهر ڀرسان دودائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو. ان حوالي سان علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سڃاڻپ نه ٿيڻ تي لاش ايڌهي انتظاميه حوالي ڪري ڇڏيو جن طرفان لاش کي لاوارث قرار ڏئي دفنائي ڇڏيو آهي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته فوتي نوجوان نشو واپرائيندڙ لڳي رهيو هو پر ان جي باوجود جاچ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.