استاد منظور علي خان جي اڄ ورسي، ٽنڊي آدم ۾تقريب

ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) سنڌ جي ناليواري ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان جي وڇوڙي کي 41 ورهيه وهامي ويا اڄ ٽنڊي آدم ۾ ورسي ملهائي ويندي رپورٽ موجب سنڌ جي ناليواري صدارتي ايوارڊ يافته ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان جي وڇوڙي کي 41 سال مڪمل ٿي ويا آهن پر هو سنڌ واسين جي دلين ۾اڄ به موجود  آهي خانصاحب جي ورسي جي حوالي سان خاندان پاران سندس ڀائيٽن نادر علي خان ، مهتاب علي خان ، همير علي خان پاران اڄ سندس ورسي ٽنڊي آدم ۾ سادگي سان ملهائي ويندي . صبح جو قرآن خواني ٿيندي ۽ جنهن بعد ڪٽنب جا فرد ، سندس شاگرد ، شاعر ، ليکڪ ، اديب ، صحافي ۽ سول سوسائٽي جا فرد ۽ مداح  سندس آخري آرامگاھ تي گلن جون چادرون چاڙهي فاتح ڪندا ۽ کيس لفطن جي ڀيٽا ڏيندا ۽ شام جو خيرات جي ماني پڻ کارائي ويندي جڏهن ته سماجي تنظيم مهراڻ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائٽي پاران ورسي تقريب منعقد ٿيندي  جنهن ۾ استاد منظور علي خان جي خاندان جا فرد ، سندس شاگرد ، مداح ۽ راڳ جا شوقين شرڪت ڪري استاد جي فني زندگي تي روشني وجهندا جڏهن ته سنڌ جا مشهور ڪلاسيڪل ۽ صوفي راڳي فن وسيلي کيس ڀيٽا پيش ڪندا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.