گهوٽڪي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، متاثرن جو احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي لڳ عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ چنگلاڻي ۾ پلاٽ جي مسئلي سان مينگهواڙ ۽ لانگاھ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهڙو لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪري مينگهواڙ برادري جا 3 ڄڻا زخمي، گهوٽڪي تعلقي اسپتال منتقل، واقعي جي اين سي عادلپور ٿاڻي تي داخل، ان حوالي سان مينگهواڙ برادري جي ماڻهن سول اسپتال ٻاهران مڪيش ڪمار ، مکي واپاري لال، وڪي، راجا ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته لانگاھ برادري جي ماڻهن احسان، اعجاز ، شوڪت لانگاھ  اسان تي حملو ڪري اسان جي ماڻهن کي زخمي ڪيو، جڏهن ته پلاٽ اسان جو لانگاھ برادري قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، ان موقعي تي مينگهواڙ برادري جي ماڻهن ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.