ٿرڪول رٿا سنڌ جي دولت تي ڌاڙو آهي: اياز لطيف

حيدرآباد )پ ر) اياز لطيف پليجي  چيو آھي ته ٿرڪول منصوبي ذريعي سنڌ جي دولت تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي ٿر واسين کي ڪوڙا خواب ڏيکاري دوکو ڪيو ويو آھي مقامي ماڻھن کي نوڪرين کان پري ڪيو پيو وڃي. اھم عھدن تي ٻاھر جا ماڻھو مقرر ڪيا ويا آھن. پيپلز پارٽي حڪمرانن دعويٰ ڪئي ھئي تہ ٿر جي ڪوئلي سان ٿرپارڪر جي قسمت تبديل ٿي ويندي، غربت جا ماريل ماروئڙا مالا مال ٿي ويندا پر حقيقت اھا آھي تہ اڄ بہ بک، بيروزگاري کان تنگ ٿر ۾ سڀ کان وڌيڪ خودڪشين جا واقعا ٿي رھيا آھن. خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگھي روزانو معصوم ٻار مري رھيا آھن. آر او پلانٽس کي پاڻي فراھمي بدران ڪرپشن جو ذريعو بنايو ويو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي عوام سان دوکيبازي بند ڪري. ٿرڪول منصوبي ۾ مقامي ماڻھن کي عھدن تي نوڪريون ڏنيون وڃن. غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ منصوبابندي ڪئي وڃي ٿر ۾ دنيا جو ڇھون نمبر وڏو ڪوئلي جو ذخيرو آھي، اھا کربين روپين جي دولت ٿر واسين جي آھي ۽ سنڌ جي آھي. ان تي پھريون حق مقامي ماڻھن جو آھي، اھا ڪمائي ٿر واسين تي خرچ ڪئي وڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ڪرپٽ ماڻھن جي حملي ھيٺ آھي۔ سنڌ جا ماڻھو ڪرپٽ حڪمرانن مان بيزار ٿي چڪا آھن۔ ھر دفعي انھن کي سنڌ تي مڙھيو وڃي ٿو۔ سنڌ جا ماڻھو ھاڻ تبديلي چاھين ٿا۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمران چاھين ٿا تہ ھاري، مزدور ۽ غريب ماڻھو  غلام رھن۔ انھن وٽ تعليم ۽ صحت جي سھولت نہ ھجي۔ اھي بنيادي حقن کان محروم ھجن۔ .اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن عوام سندن حق ڏيڻ بدران انھن کي فقير بنائي ڇڏيو آھي۔ ھي ڪجھ ھزارن ۾ ماڻھو خريد ڪرڻ چاھين ٿا۔ حڪمران سمجھن ٿا تہ اربين روپين جي ڪرپشن ڪرڻ کانپوء اليڪشن ۾ ڪجھ ڪروڙ خرچ ڪري ووٽ خريد ڪري وٺبا۔ ان ڪري عوام بنيادي انساني حقن کان محروم آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.